भारतीय लोकप्रिय भाषा, इसके अनुसार नंबर की वक्ताओं. (No.१३ को No.२९) - "खुशखबरी", "जीवन के शब्द", "इँजील गीत" // INDIAN POPULAR LANGUAGES ACCORDING TO NUMBER OF SPEAKERS (FROM No.13 TO No.29)- "GOOD NEWS", "WORDS OF LIFE" ."GOSPEL SONGS"/भारतीय प्रचलित
«
»
"سنڌي ٻولي - "خوشخبري.mp4 / सिंधी भाषा - "खुशखबरी" mp4
MP4•Главная эпизода
Manage episode 376534968 series 3464107
Контент предоставлен Tze-John Liu. Весь контент подкастов, включая эпизоды, графику и описания подкастов, загружается и предоставляется непосредственно компанией Tze-John Liu или ее партнером по платформе подкастов. Если вы считаете, что кто-то использует вашу работу, защищенную авторским правом, без вашего разрешения, вы можете выполнить процедуру, описанную здесь https://ru.player.fm/legal.
Sindhi Language - "Good News".mp4 //52 يسعياہ 13ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو. 14جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،) 15تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا. ================ 53 يسعياہ1جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟ 2ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون. 3هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو. 4يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو، 5پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي. 6اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي. 7هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو. 8ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟ 9جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو. 10انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي. 11هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو. 12تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.
…
continue reading
91 эпизодов